سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي

سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي

سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي

سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي (St. Joseph College Karachi): ڪراچيءَ ۾ موجود هن ڪاليج جو بنياد 21 جون 1948ع تي سسٽر ميري ائلن رکيو. هن ڪاليج جي قيام جو مقصد ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڇوڪرين کي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ هو. هن ڪاليج جو آغاز اڳواٽ قائم سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول جي ڪجهه ڪمرن ۾ تدريسي عمل شروع ڪرڻ سان ڪيو ويو ۽ ڪاليج جي پهرين پرنسپال سسٽر ميري ائلبن مقرر ٿي. پنهنجي شروعاتي دور ۾ هي ڪاليج سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل (affiliated) هو، بعد ۾ ڪاليج لاءِ ڌار عمارت تعمير ڪئي وئي، جنهن جو خاڪو فن تعمير جي مشهور ماهر برادر هلئري لارڊينو تيار ڪيو.
13 جولاءِ 1951ع تي ڪاليج جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيو ۽ ان جو افتتاح ڪراچيءَ جي آرچ بشپ ائلڪوئن وئن ملٽنبرگ ۽ بيگم بيگ ڪيو. ساڳئي سال هن ڪاليج جو الحاق ڪراچي يونيورسٽيءَ سان ڪيو ويو.
هن ڪاليج جي ابتدا آرٽس فئڪلٽيءَ سان ڪئي وئي، 1950ع ۾ شاگردياڻين جو تعداد لڳ ڀڳ 94 هو، جن مان 14 عيسائي، 72 مسلمان ۽ 8 پارسي هيون. 1951ع ڌاري ڪاليج ۾ سائنس فئڪلٽيءَ جو اضافو ڪري هڪ سائنس ليبارٽري قائم ڪئي وئي.
1950ع ڌاري پهريون ڀيرو ڪاليج جي شاگردياڻين وليم شيڪسپيئر جو ڊرامو “A Mid Summers Night Dream” پرفارم ڪيو ويو. ان سان گڏ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 1951ع ۾ ڪاليج جي گرائونڊ اندر سنڌ اولمپڪ نيٽ بال چئمپيئن شپ منعقد ڪئي وئي.
1952ع ڌاري سسٽر ميري ائلبن طبيعت جي ناچاڪيءَ سبب انگلنڊ هلي وئي ۽ سندس جاءِ تي 1961ع تائين سسٽر ميري برناڊيٽ پرنسپال طور فائز رهي. هن جي دور ۾ بيچلر ان سائنس پروگرام جو آغاز ڪيو ويو. 1961ع کان 1983ع تائين سسٽر ميري ائميلي ڪاليج جي پرنسپال رهي. هن 1963ع ۾ مائڪروبائلاجي ليبارٽري قائم ڪئي. سندس ئي دور ۾ ٻين ڪاليجن سان گڏ هن ڪاليج کي به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. 1983ع کان 2005ع دوران مسز ڪنيز جَي. عابدي، مسز شهناز پروين ۽ پروفيسر ڊاڪٽر تنوير انجم مختلف وقتن تي پرنسپال جي عهدي تي فائز رهيون.
7 مئي 2005ع تي، ڪاليج کي ڊي نيشنلائيزڊ ڪري اصلوڪن مالڪن حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد سسٽر ائميلي هڪ ڀيرو ٻيهر پرنسپال مقرر ٿي. سندس ڪوششن سان ڪاليج جي تدريسي عمل ۽ عمارت ۾ نئين سر بهتري آندي وئي ۽ سندس ئي ڪاوشن جي نتيجي ۾ عورتن لاءِ ڪامرس فئڪلٽي قائم ڪئي وئي. تعليمي خدمتن عيوض سسٽر ائميلي کي پاڪستان حڪومت ’ستارهء امتياز‘ جو تمغو ڏنو. 2009ع ۾ مس ميري ڪئلب ۽ 2010ع کان پروفيـسر بـرناڊييٽ. ايل. ڊين (ڪاليج جي اڳوڻي شاگردياڻي) پرنسپال جي عهدي تي فائز آهي.
صدر جي علائقي ۾ قائم، ڪراچي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل هي ڪاليج نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين سبب ڪراچيءَ جي بهترين ڪاليجن ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو